حر تحريڪ ۽ سورهيه بادشاهه

حر تحريڪ ۽ سورهيه بادشاهه

حر تحريڪ ۽ سورهيه بادشاهه

حر تحريڪ ۽ سورهيه بادشاهه (ڪتاب): هي ڪتاب حر تحريڪ جي باري ۾ مختلف محققن ۽ ليکڪن جي مضمونن تي مشتمل آهي. اهڙن مضمون نگار محققن ۾ سائين جي. ايم. سيد، پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو، پروفيسر محمد عمر چنڊ، عزيز ڪنگراڻي ۽ منصور قادر جوڻيجي جا مضمون شامل آهن. هن ڪتاب کي نوجوان اديب منصور قادر جوڻيجي ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ حر تحريڪ جي تاريخ سان گڏ سورهيه بادشاهه سيد صبغة الله شاهه جي شخصيت، بچو بادشاهه، سانگهڙ سرڪار ۽ حُر ڪئمپ جوهيءَ بابت روشني وڌل آهي. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ سورهيه بادشاهه جا قول ڏنا ويا آهن. چار رنگي ٽائٽل ۽ ڪچي جلد واري هن ڪتاب ۾ 112 صفحا آهن، جنهن جي قيمت 60 روپيا آهي ۽ ڪتاب ساگر پبلشنگ، هائوس ڪراچيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو